ديوان ضياء ٺٽوي قلمي

ديوان ضياء ٺٽوي قلمي

ديوان ضياء ٺٽوي قلمي

ديوان ضياء ٺٽوي (ڪتاب قلمي): هي فارسي ٻوليءَ ۾ ديوان غزليات سنڌ جي نامور شاعر ضياء ٺٽوي جو آهي، جنهن ۾ صرف ضياء ٺٽوي جا فارسي غزل آهن جيڪي اڃا تائين شايع نه ٿيا آهن. ديوان جي ڪتابت خود مصنف ضياء ٺٽويءَ ڪئي آهي، پر ڪتابت جو سن ڄاڻايل نه آهي. ديوان هيئن شروع ٿئي ٿو:
’ديوان ضياء ٺٽوي بخط ضيا‘
۽ اختتام هيئن ٿو ٿئي:
’... تابه بينم روي توجان از تنم بايد برون‘
98 صفحن تي مشتمل هي ديوان خط شڪسته ۽ خط نستعليق ۾ ڪتابت ٿيل آهي. هي قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو